گهوٽڪي: 10 کان وڌيڪ هٿياربندن جي مينهن جي واڙي تي چڙهائي، 30 مينهون، 4 موٽر سائيڪلون ڦر، هٿياربندن ۽ ڳوٺاڻن ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

گھو ٽڪي ڏيوري باء پاس ويجھو ڳوٺ سائين ڏنو گھوٽو ۾ 10 کان وڌيڪ نا معلوم ھٿياربندن پاران عابد ڀٽو جي مينھن جي واڙي ۾ داخل ٿي واڙي ۾ موجود ماڻھن کي يرغمال بڻائي 30 مينھون ۽ چار موٽر سائيڪلون ڦر ڪري فرار ٿيڻ دوران ڀاڳين ۽ علائقي واسين پاران ھٿياربندن جي پيڇي دوران ڪچي واري علائقي درگاھ خير شاھ وٽ ھٿياربندن ۽ ڳوٺاڻن جي فائرنگ دوران ڳوٺاڻو قادرپور واسي زرعي ڊيلر عبدالحميد گھوٽو ۽ قادرپور واسي راڻو ڀٽو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا مارجي ويلن جا لاش تعلقا اسپتال گھوٽڪي آندا ويا , بعد ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي آھي جڏھن گھوٽا ۽ ڀٽا برادري جا سوين ماڻھو ڪچي طرف ڌاڙيلن جي پيرن پٺيان روانا آھن وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آھي ڀٽا برادري جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته جاگيراڻي گينگ جي ھٿياربندن گھوٽڪي جي مصروف روڊ ڏيوري وٽان مال جي واڙي تان ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته اطلاع تي سوين ڳوٺاڻن پاران ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ۽ ڏوھارين جي لنگھ جھليا ت ڏوھارين ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ ٿئي ,ڏوھارين جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏھن ته ڏوھاري درياء طرف فرار ٿي ويا آھن.