گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ: پاڻيءَ ۾ واڌ

بئراج وٽ پاڻي جي وھڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 ھزار ڪيوسڪ جو واڌارو ٿيو آھي، جڏھن ته ھن وقت گڊو بئراج وٽ وچين درجي جي ٻوڏ برقرار آھي ھن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 92 هزار ھڪ سئو ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 53 ھزار 84 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ٻئي پاسي انتظاميه جو وڌڪ چوڻ آھي ته ملڪ جي مٿاھين واري علائقن سميت پوري ملڪ ۾ تمام گھڻيون بارشون ٿيئڻ جي ڪري گڊو بئراج ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌا وارو سلسلو جاري رھندو.