ڪشمور ضلعي اندر بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو ڪشمور گڊو شهر جي بخت علي محلي مان پٺاڻ برادري جو معصوم نينگر ڏوهارين ھٿان اغوا ٿي ويو وارثن موجب 4 ورهين جو نينگر محمد علي پٺاڻ گھٽي ۾ راند ڪري رهيو هو ته موٽر سائيڪل سوار 4 هٿياربند نينگر کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا آهن جنهن جو اسان گڊو ٿاڻي تي وڃي اطلاع ڏنو آهي هن وقت تائين نينگر جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو آهي واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي شھرين ۾ مايوسي ڇائنجي وئي آهي وارثن ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا اسان جي نينگر کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي اسان جي گهر اند روڄ راڙو متل آهي
( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )