گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري سگهون ٿا: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جو ارادو ظاهر ڪريون ٿا.شهباز شريف جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته حڪومت طرفان آئيني اقدار جي پاسداري، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي تحفظ جو عزم غير متزلزل آهي.وزيراعظم چيو ته جمهوري قدمن تي عمل ڪرڻ اسان جي قومي طرز عمل جي عڪاسي ڪري ٿو. منصفانه، مساوي ۽ جامع عالمي معاشري لاءِ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو ارادو ڪريون ٿا. گڏيل تعاون سان ئي اسان جمهوريت جي بنيادن کي مضبوط ڪري سگهون ٿا.ٻئي طرف منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال پنهنجي پيغام ۾ چيو ته روشن مستقبل جمهوري عمل جي تسلسل ۽ ادارن جي استحڪام سان جڙيل آهي. اسان کي پنهنجا اختلاف وساري جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ هر ڀيري جمهوري عمل ۾ رنڊڪون پيدا ڪيون ويون، جمهوري عمل ۾ معطلي سان سياسي عدم استحڪام، معاشي بدحالي پيدا ٿي آهي.احسن اقبال چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي جمهوري عملي کي هٿي ڏيارڻ ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ترقي جو ڪوبه شعبو هجي اڄ عالمي مسابقت ۾ پاڪستان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي.احسن اقبال چيو ته اسان کي محنت، جدت، معيار ۽ علم تي ٻڌل معيشت کي هٿي ڏيڻي پوندي. اسان جو پڪو ارادو آهي ته پاڪستان کي 2035 تائين 1 هزار ارب ڊالر جي معيشت بنائينداسين. هن چيو ته انهي عمل جي تڪميل لاءِ جمهوري استحڪام ۽ پاليسين ۾ تسلسل جي ضرورت آهي. جمهوري عمل ترقي سان گڏ مضبوط ڪرڻو پوندو. اهوئي بقا ۽ ڪاميابي جو رستو آهي.