ڳالهين مان ڪجهه حاصل نه ٿيو، اصل مسئلو چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڳالهين مان نه ڪجهه حاصل ٿيڻو هو ۽ نه وري ڪجهه حاصل ٿيندو، اصل مسئلو چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ آهي باقي ٻيا سڀ بهانا آهن.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ڪالهه پارليامينٽ ۾ انتشار ۽ عدليه خلاف ڳالهيون ڪيون ويون، عدليه جي باري ۾ بازاري زبان استعمال ڪئي وئي، عدليه سان وڙهڻ(ن) ليگ جو پراڻو طريقو آهي اهڙين ڳالهين تي جيڪڏهن جمهوريت جو جنازو نڪرندو ته پي ڊي ايم ان سموري سازش جي ذميوار هوندي.هن چيو ته عدليه ڪيستائين صبر کان ڪم وٺندي. عدليه جي بي حرمتي سپريم ڪورٽ جي دروازي تائين پهچي وئي آهي. جيڪي ججن کان حساب گهري رهيا آهن اهي چونڊون نٿا ڪرائي سگهن، قوم قرباني ڏئي ڇڏي پر چور قرباني نه ڏيندا.شيخ رشيد چيو ته 75 سالن جي مهانگائي ۽ بيروزگاري جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن. خاقان عباسي چوي ٿو ته اٽي ۾ 20 ارب کان وڌيڪ جي ڪرپشن ڪئي وئي، اسحاق ڊار جي هوندي آءِ ايم ايف طرفان ڳاڙهي جهنڊي ڏيکاري وئي، بجيٽ ڪيئن تيار ڪئي ويندي.اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته هي هاڻ ججز جو گهيرو تنگ ڪري رهيا آهن. پارليامينٽ هر ڏينهن آئين جي توهين ۽ عدليه جي تذليل ڪري رهي آهي. عدليه ديوار چين ثابت ٿيندي. عدليه سان ٽڪراءُ کائيندڙ کي خواري کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو.