ڳالهين ۾ ناڪامي کان پوءِ پي ٽي آءِ جي نئين حڪمت عملي سامهون اچي وئي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ڳالهين جي ڪاميابي چاهيون ٿا. پر ناڪامي جي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته اهو نٿو ٿي سگهي ته آئين کي ردي جو ٽڪڙو ۽ عوام کي ڪيڙا ماڪوڙا سمجهيو وڃي.هن چيو ته ڳالهين جي ناڪامي جي صورت ۾ عوام وڏي تحريڪ جي لاءِ تيار ٿي وڃي. تحريڪ جي شروعات سڀاڻي لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ ريلين سان ٿي شروع ڪئي ويندي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته هڪ تاريخي لانگ مارچ ٿيندو. ياد رهي ته حڪومتي ۽ تحريڪ انصاف جي نمائندن وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان 2 گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن.