ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ ٻالڪ دل جي سوراخ واري بيماري سبب فوت

مورو (ن پ ا) مورَي ويجھو ڳوٺ لغاري بجراڻي ۾ 9 مھينن جو مصدق پٽ الھداد لغاري دل ۾ سوراخ واري تڪليف سبب علاج جي سھولت نه ملڻ سبب فوت ٿي ويو جنھن سبب گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ ھو ته نينگر کي دل ۾ سوراخ ھو جنھن جو علاج ھلندڙ ھو پر 20 مئي واري مسئلي کان پوءِ ھن جو علاج ڪون ٿي سگھيو ھو انڪري بيماري ھن تي ڪنٽرول ڪري وئي ۽ فوت ٿي ويو آھي.