15 آگسٽ تي رائيونڊ پوليس بروقت ڪارروائي ڪري زبردستي شادي ڪرائيندڙ گهوٽ، شاهد ۽ پڙتال کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب واقعي جو اطلاع 12 ورهين جي نينگر جي ڀاءُ ٻڌايو هو ڇوڪريءَ جي ڀاءُ محمد شريف پوليس کي ٻڌايو ته ماءُ پنهنجي 12 ورهين جي ڀيڻ جي شادي وڏي عمر جي شخص سان ڪرائي آهي، ڇوڪري کي دارالامان حوالي ڪيو ويو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي صدر ڊاڪٽر غيور احمد خان پوليس ٽيم کي بروقت ڪارروائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته عورتن ۽ ٻارن جو استحصال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.