12 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جي جاچ: مونس الاهي خلاف ڪيس داخل

12 ڪروڙ 10 لک روپين جي مبينه ڪرپشن جي جاچ ۾ ايف آءِ اي مني لانڊرنگ سرڪل پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير مونس الاهي جي پٽ خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.ايف آءِ اي موجب مونس الاهي بطور ايم اين اي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي. عامر سهيل، مونس الاهي جي فرنٽ مين طور ڪم ڪندو رهيو.مونس الاهي کي 3 ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيا ويا پر هو هڪ ڀيرو به پيش نه ٿيو. ڪيس ۾ زهره الاهي ۽ عامر سهيل کي به جوابدار نامزد قرار ڏنو ويو آهي.ان کان اڳ لاهور جي مقامي عدالت اينٽي ڪرپشن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو.ياد رهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي ٻن ڪيسن ۾ عدالت طرفان آزاد ڪرڻ کان پوءِ گوجرانوالا ۾ داخل ٽئين ڪيس ۾ گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو.