15 ڏينهن اڳ دادو ضلعي جي تعلقي ڀاڻ سعيد آباد ۾ پراسرار طور قتل ٿي ويل ناري نورين فاطمه مهر جي ڪيس ۾گرفتار جوابدار محسن مهر جي گرفتاري خلاف مهر برادري پاران گلوب چونڪ کان سکر نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ايڊووڪيٽ ،عبدالرؤف مهر،پروفيسر محمد ابراهيم مهر،هزب الله مهر،ذوالفقار مهر ،مير محمد قريشي،فاروق مهر،حاجي وزير مهر ۽ ٻين چيو ته 15 ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل ناري نورين فاطمه مهر کي پنهنجي ڀاءُ محسن مهر قتل ناهي ڪيو جڏهن ته منصور سومرو جيڪو نورين مهر سان شادي ڪرڻ جي دعوا ڪري رهيو آهي اهو ئي نورين فاطمه جي قتل جو ذميوار آهي هنن چيو ته منصور مهر 2021 ۾ نورين مهر سان لڪ ۾ شادي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ۽ هن نورين کي پنهنجي والدين جي گهر رهڻ لاءِ چيو هو پر نورين پنهنجي گهر وارن کي نه ٻڌايو ته مان شادي ڪئي آهي جڏهن ته منصور سومرو نورين مهر کي بليڪ ميل ڪرڻ لڳو ۽ پيسن جي گهر ڪئي جنهن تان نورين منصور سومري کي 40 لک ڏئي چڪي هئي پر هو بليڪ ميل ڪرڻ کان نه مڙيو هن وقتن به وقتن نورين کي بيلڪ ميل ڪري رهيو هو جنهن کان پوءِ نورين فاطمه هن جي بليڪ ميلنگ کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو هو جنهن جو الزام سندس ڀاءُ محسن مهر تي لڳايو ويو ۽ سندس ئي ڀيڻ جي ڪوڙي قتل جي ايف آئي آر داخل ڪري محسن مهر کي گرفتار ڪيو ويو ،هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منصور سومرو بااثر آهي هن پوليس کي ڳري رشوت ڏئي نورين جي ڀاءُ محسن کي سندس ئي ڀيڻ جو ڪوڙو قتل ڪيس ڄاڻائي پوليس کان تشدد ڪرايو ويو آهي ۽ هن کان مار ڪٽ کان پوءِ زوري قتل ڪرڻ جو بيان ڏياريو ويو آهي،جڏهن ته محسن مهر جج اڳيان داهيندي چيو هو ته مان پنهنجي ڀيڻ کي قتل ناهي ڪيو ۽ پوليس مون مٿان وحشياڻو تشدد ڪري مون کان قتل ڪرڻ جو بيان ورتو آهي ،اڳواڻ وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ سميت اعلي آفيسرن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته انڪوائري ڪري سندس انصاف ڪيو وڃي.