190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان 23 مئي تي نيب آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.عمران خان قومي احتساب بيورو(نيب) طرفان اماڻيل طلبي واري نوٽيس تي نيب کي لکت ۾ جواب اماڻي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن 23 مئي تي 190 ملين پائونڊز ڪيس جي جاچ ۾ حصو بنجڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.عمران خان جواب چيو آهي ته 23 مئي تي مختلف ڪيسز جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ هوندس. عدالتن مان فارغ ٿي 11 وڳي نيب ٽيم آڏو پيش ٿيندس.تحريڪ انصاف چيئرمين نيب کان انڪوائري رپورٽ جي نقل اماڻڻ يا وڪيل کي فوري طور ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم کي 18 مئي تي طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو هو. هن پنهنجي لکت واري جواب ۾ چيو ته نيب قانون آئين کان تڪراري آهي. قومي احتساب بيورو جمعي تي عمران خان کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪندي 23 مئي 2023 تي صبح 10 وڳي نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.