73

نوابشاهه: آچار کٽاڻ ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ چار مزدور بوائلر ۾ ڪرڻ سبب فوت

نواب شاھ : جي علائقي ھاشم ٽائون ۾ ھانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي. واقعي ۾ چار مزدور بوائلر ۾ ڪري فوت ٿي ويا
خبر موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ھاشم ٽائون ۾ قائم آچار ٺاھڻ واري فيڪٽريءَ ۾ آچار ٺاھڻ واري بوائلر ۾ ڪم دوران مزدور 22 سالا قاسم کوسو ڪري پيو تنھن کي بچائڻ لاءِ 32 سالا دانش ويو جيڪو پڻ ڪري پيو ان کي بچائڻ لاء سندس ڀاءَ 32 سالا سلمان ويو اھو پڻ ڪري پيو آخر ۾ سندن والد 55 سالا ناصر مزدور ۽ ٻن پٽن کي آچار واري بوائلر مان ڪڍڻ لاءِ ويو پر اهو به بوائلر ۾ ڪري فوت ٿي ويوعلائقي واسين بي سيڪشن پوليس کي اطلاع ڏنو ته پوليس فوتين جا لاش پي ايم سي اسپتال کڻائي آئي جتي فوتين جون وارث عورتون پنھنجن پيارن جا لاش ڏسي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي روئينديون رھيون ٻئي طرف علائقي ۾ اھي به چوٻول ھلي رھيا آھن ته زھريلي گيس سبب ھي واقعو پيش آيو آھي جڏھن ته بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناء الله پنهور ٻڌايو ته افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي جاچ ھلي رھي آھي ته ھي فيڪٽري غير قانوني ھئي يا رجسٽر ھئي ۽ واقعو ڪئين پيش آيو آھي جانچ ھلي رھي جلد اصل ڪارڻ معلوم ٿي ويندا

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو