لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 1992ع تي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمران خان کي سندس سالگره تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي پي سي بي طرفان سوشل ميڊيا تي عمران خان جي تصويرن سان گڏ سندس ڪرڪيٽ ڪيريئر جا انگ اکر به شيئر ڪيا ويا آهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر 88 ٽيسٽ ميچز ۾ 3807 رنسون ۽ 362 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته 175 هڪ ڏينهن وارن ميچن ۾ 3709 رنسون ۽ 182 وڪيٽون حاصل ڪيون پي سي بي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب عمران خان پاڪستان طرفان ٽيسٽ ۾ ٽيون سڀني کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ رانديگر آهي ۽ سندس بهترين فگر هڪ ٽيسٽ ۾ 14 وڪيٽون آهن جيڪي ڪنهن به پاڪستاني بالر طرفان سڀني کان بهترين فگر آهي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان 1992ع جو ورلڊ ڪپ کٽيندڙ قومي ٽيم جي ڪپتان عمران خان کي ميچ وننگ آل رائونڊر قرار ڏيندي سالگره جي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي
