59

ڄامشورو: مانجهند انڊس هاءِ وي ويجهو خوفناڪ حادثو 13 ڄڻا فوت 15 زخمي

ڄامشورو : مانجھند انڊس ھاء وي ٽوڙي فاٽڪ ويجهو بھاولپورکان ڪراچي ڏانهن ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو سامھون کان ايندڙ ٽرڪ سان زوردار ٽڪر ٿي پيو ٽڪر ٿيڻ بعد ڪوچ کي باھي وڪوڙي وئي جڏهن ته مسافرن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ويو ۽ وڌيڪ سڙڻ کان بچائي ورتو حادثي جي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن ٻن ٻارڙن سميت 13ڄڻا فوت ٿي ويا آھن جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿيا آھن جن کي مقامي ماڻهن موٽروي پوليس ۽ مانجھند پوليس تعلقا اسپتال مانجھند منتقل ڪيو آهي مانجهند اسپتال ۾ صحت جون سھولتون نه ھجڻ جي ڪري فوتين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيوويو آھي ۽ زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آھي فوتين ۾ 11 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي جن ۾ محمد اشرف پٽ خدا بخش عتيق رحمان پٽ عبدالحميد اجمل جاويد پٽ انور حسنين پٽ ذولقرنين عظيم پٽ ذولقرنين خاتو زوجه شاه نواز نورين ذولقرنين راشد پٽ ڪريم بخش محمد طارق پٽ غلام علي پهلوان پٽ قادر بخش شامل آھي جڏهن ته ٻن فوتين جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جڏھن ته زخمين ۾ اڪثريت پنجاب واسين جي آھي جن ۾جاويد محمد ظفربلوچ عتيق رحمان حسين خطيجه راشد محمود محمد طارق وسيم سميت ٻيا شامل آھن ڪوچ ۾ سوار مسافرن موجب ڪوچ ڊرائيور شروع کان غلط ڊرائيونگ ڪري رھيو ھو جنهن کي اسان ڪيترائي ڀيرا چيوسين جنهن اسان جي ھڪ به نه ٻڌي جنهن سبب ڪوچ حادثي جو شڪار بڻجي وئي حادثي واري جڳھ تي ايس ايس پي ڄامشورو پھتو سندس چوڻ ھيو ته بس ڊرائيور جي لاپرواھي سبب افسوسناڪ واقعو پيش ٻئي پاسي مانجھند پوليس ڪوچ جي ڪلينر کي حراست ۾ وٽي ڇڏيو آهي ۽ پوليس پاران ريسڪيو جو عمل جاري آھي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو