لاهور : سرڪاري زمينن تي قبضي جي الزامن تي اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي طلب ڪري ورتو آهي اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ترجمان موجب دوست مزاري کي سرڪاري زمينن تي قبضي جي الزامن تي طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته زاهد مزاري، شير محمد مزاري ۽ معظم مزاري کي به طلب ڪيو ويو آهي اينٽي ڪرپشن جي ترجمان چيو آهي ته دوست محمد مزاري خلاف ڪوڙن ڪاغذن ذريعي سرڪاري زمينن تي قبضي جا الزام آهن اينٽي ڪرپشن پنجاب سرڪاري زمينن تي قابض ڪيس ۾ جاچ ڪري رهيو آهي دوست محمد مزاري ۽ ٻين کي 11 آڪٽوبر تي لاهور هيڊ ڪوارٽر ۾ طلب ڪيو ويو آهي دوست مزاري کي ڊائريڪٽر ويجيلنس هيڊ ڪوارٽر جي آفيس ۾ ٻنپهرن جو هڪ وڳي حاضر ٿيڻ جو نوٽيس اماڻيو ويو آهي
