ڪراچي : جي مختلف علائقن ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي جنهن سبب ماڻهن کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڪراچي ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس معطل آهي ڪجهه علائقن ۾ سمورا ته وري ڪجهه علائقن ۾ هڪ ٻن ڪمپنين جا سگلنز بند آهن جن علائقن ۾ موبائل فون سروس جي فراهمي معطل آهي انهن ۾ گارڊ اولڊ سٽي ايريا گوليمار ناظم آباد لياقت آباد ملير ۽ نيو ڪراچي شامل آهن موبائل فون سروس ۾ معطلي سبب جتي عوام کي رابطن ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اتي ئي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهو به ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن پاڪستان ٽيلي ڪام اٿارٽي پي ٽي اي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون سروس معطلي جي تصديق ڪئي آهي پي ٽي اي چيو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ جي تيارين ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي سلسلي ۾ سروس بند آهي پاڪستان ٽيليڪام اٿارٽي چيو آهي ته موبائل سروس جي بندش وفاقي حڪومت جي درخواست تي ڪئي وئي آهي موبائل فون سروس عيد ميلادالنبي ﷺ آچر 9 آڪٽوبر تي به بند رهندي ملڪ ۾ اهم مذهبي ڏينهن دوران سموري ملڪ ۾ موبائل فون سروس جي معطلي ڪيترن سالن کان معمول جي ڳالهه آهي جنهن جو مقصد امڪاني دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ هوندو آهي ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ًً ۾ آچر تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي
