پشاور : گلگت بلتستان جي علائقي چلاس ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ذريعن موجب چلاس جي علائقي بونرداس ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿي ويلن ۾ عورت سميت 8 ٻار شامل آهن گهر ۾ فراز نالي شخص جي رهائش هئي جنهن جي زال، 4 پٽ ۽ 4 ڌيئرون حادثي ۾ فوت ٿي ويون ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويلن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته ڇت ڪرڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن گهر جي ڇت ڪرڻ جي آواز ٻڌندي ئي مقامي ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ملبي هيٺيان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو جو ڪم شروع ڪري ڏنو جيڪو 2 ڪلاڪن تائين جاري رهيو ملبي هيٺيان سمورا لاش ڪڍيا ويا آهن ان حوالي سان هڪ پوليس اهلڪار ٻڌايو ته گهر جي ڇت ڪرڻ وقت سرفراز خان گهر تي موجود نه هو هو پنهنجي ڪم واري جڳهه تي موجود هو سرفراز چلاس شهر جي هڪ ڪيفي ۾ ويٽر جي طور تي ڪم ڪندو آهي پوليس مقتولن جي سڃاڻپ سرفراز جي گهر واري خينه بي بي ۽ ان جي ٽن پٽن برڪت الله شرافت الله، صداقت الله ۽ شفاعت الله 4 ڌيئرون ليليٰ ڪرن نصرت ۽ نزهت جي نالي سان ٿي آهي هن ٻڌايو ته سمورن ڀيڻ ڀائرن جون عمرون 2 کان 12 سالن جي وچ ۾ هيون ۽ گهر جي ڇت مٽيءَ سان ٺاهي وئي هئي ڇت ڪچي هئي جنهن جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ سمورو خاندان فوت ٿي ويو پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ٻنپهرن تائين چلاس جي بوترداس واري علائقي ۾ ئي سمورن 9 ڄڻن جي اجتماعي تدفين ڪئي ويندي وزيراعظم شهباز شريف حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته چلاس بوترداس ۾ زبون حال گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 9 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اسان متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ خاندان جي ٻين ماڻهن سان تعزيت ڪريون ٿا هن دعا ڪئي ته رب پاڪ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي
