ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪامران ٽيسوري اڄ سنڌ جي گورنر طور عهدي جو حلف کڻندو

ڪراچي : ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڪامران ٽيسوري اڄ سنڌ جي گورنر طور عهدي جو حلف کڻندو ڪامران خان ٽيسوري اڄ 34هين گورنر جي حيثيت سان حلف کڻندو ڪامران ٽيسوري جي حلف برداري تقريب شام 5 وڳي گورنر هائوس ڪراچي ۾ ٿيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نئين سنڌ جي گورنر کان حلف وٺندو تقريب ۾ سنڌ ڪابينه جا ميمبر، سياسي ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتون شرڪت ڪنديون صدر ڪامران خان ٽيسوري کي بطور سنڌ جي گورنر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي صدر عارف علوي اها منظوري آئين جي آرٽيڪل 101 جي تحت ڏني آهي
ڪامران ٽيسوري ڪراچي جي مشهور ڪاروباري ٽيسوري خاندان سان تعلق رکي ٿو سياست ۾ اچڻ کان اڳ سون جي واپار مان هن شهرت ڪمائي سياست جي شروعات ۾ هو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي ويجهو رهيو
پيپلز پارٽي جي دور ۾ زمينن مٿان قبضن جي الزامن تي کيس جيل وڃڻو پيو 2013 ۾ هن فنڪشنل ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي پر اختلافن سبب هو فنڪشنل ليگ کان ڌار ٿي ويو جنهن کان پوءِ هن ايم ڪيو ۾ شموليت جي ڪوشش ڪئي پر ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي اڳواڻن سندس مخالفت ڪئي ايم ڪيو ايم پاڪستان وجود ۾ آئي ته فاروق ستار کيس پارٽي ۾ شامل ڪيو ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ڪامران ٽيسوري کي ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ڊپٽي ڪنوينر بنايو ويو پر پارٽي سان اختلافن تي هن استعيفيٰ ڏني پر فاروق ستار جي والده کيس پارٽي ۾ ٻيهر شموليت تي پرچائي ورتو ڪامران ٽيسوري کي سينيٽ جو اميدوار نامزد ڪرڻ تي فاروق ستار ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۾ اختلاف وڌيا جنهن کان پوءِ فاروق ستار ۽ ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم پاڪستان کان ڌار ٿي ويا ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت ۽ فاروق ستار وچ ۾ اختلافن جو وڏو سبب هو پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ کيس ٻيهر ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل ڪندي ڊپٽي اسپيڪر بنايو ويو هو

پنھنجي راءِ لکو