مٺي : ٿرپارڪر جي سرڪاري اسپتالن ۾ مليريا وارڊز قائم نه ٿيڻ ۽ دوائن جي کوٽ سبب هلندڙ سال مليريا جي ڪيسز جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي ٿرپارڪر ۾ مڇرن جي آزار سبب مليريا ۽ ڊينگي جون بيماريون تيزي سان وڌي رهيون آهن ننڍين توڙي وڏين اسپتالن ۾ مريضن جو ڪافي رش پڻ وڌي ويو آهي صحت کاتي موجب صرف گذريل ٻن مهينن دوران مليريا جا 7000 ۽ ڊينگي جا 230 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جڏهن ته هلندڙ سال مليريا ڪيسز جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪورٽ جي ايم ايس ڊاڪٽر نچهل داس مليريا وارڊ قائم نه ٿيڻ ۽ دوائن جي کوٽ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي ٿر جي رهواسين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ مليريا ۽ ڊينگي جي مريضن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو، دوائن جي کوٽ ۽ علاج جي سهوليتن جي کوٽ هڪ فڪر جوڳو عمل آهي جنهن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي
