سکر : نيشنل پريس ڪلب آڏو اين ٽي ايس پاس اميدوارن آرڊر نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو

سکر : نيشنل پريس ڪلب آڏو اين ٽي ايس پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين واجد ڪولاچي مير حسن ميمڻ فريده خاتون مشتاق شيخ مجتبي قريشي ۽ ٻين نعريبازي ڪندي چيو ته 2013ع ۾ تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪئي جنهن ۾ اسان 8000 کان مٿي اميدوارن 60 کان مٿي مارڪون کنيون آهن ان باوجود 9 سال گذري ويا آهن پر اسان کي آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا اسان گذريل 9ورهين کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسان جي ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي جيتوڻيڪ تازو آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 40 مارڪن وارن کي به نوڪريون ڏنيون پيون وڃن جيڪا اسان سان زيادتي آهي هڪ سنڌ ۾ سنڌ حڪومت جي ٻٽي پاليسي منظور ناهي، هنن وزير اعلي سنڌ، وزير تعليم، چيف سيڪريٽري سنڌ سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين فوري طور تي آفر آرڊر ڏئي پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو