اسان جي لانگ مارچ جو مقصد اسلام آباد تي حملو نه هو، نه ئي ادارا نشاني تي هئا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي : پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اسان جي لانگ مارچ جو مقصد اسلام آباد تي حملو نه هو نه ئي ادارا نشاني تي هئا عمران خان جهاد جو چئي ماڻهن کي اسلام آباد تي حملي جي لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي
سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ عمران خان جي راولپنڊي ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي پرامن جمهوري جدوجهد تي يقين رکي ٿي هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ سياسي لانگ مارچ پنهنجي منزل تي پهچي ختم ٿي ويو ڊي چوڪ اسان جي منزل نه هئي اسان جي لانگ مارچ جو مقصد اسلام آباد تي حملو نه هو نه ئي ادارا اسان جي نشاني تي هئا هن چيو ته عمران خان جهڙو ڊڄڻو ۽ منافق ماڻهو ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگهي هي سموري پاڪستان ۾ ڪارڪنن کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ جي لاءِ حلف وٺي رهيو آهي هن چيو ته جهاد جو چئي ماڻهن کي جذبات سان کيڏي کين اسلام آباد تي حملو ڪرڻ جي لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي آڊيو ليڪس کان پوءِ عمران خان جي چهري تان شرافت جو نقاب لهي چڪو آهي هن چيو ته عمران خان مني لانڊرنگ هارس ٽريڊنگ ۽ پنهنجي ڪرپشن جو جواب ڏئي بزدل شخص لانگ مارچ جي تاريخ جو اعلان ڇو نٿو ڪري روزاني ٽي وي تي اچي بليڪ ميلنگ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻ عمران خان جي بليڪ ميلنگ ۾ ڪوبه نه ايندو سمورا ادارا آئين ۽ قانون تحت پنهنجون ذميواريون ادا ڪري رهيا آهن سنڌ پوليس جا جوان عمران نيازي جو استقبال ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پهچي رهيا آهن

پنھنجي راءِ لکو