اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف ريفرنس قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زلفي بخاري ۽ افتخار دراني ريفرنس قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو تحريڪ انصاف اڳواڻ زلفي بخاري ريفرنس جمع ڪرائڻ کان پوءِ چيو ته آصف علي زرداري توشه خانه مان گاڏيون حاصل ڪيون يوسف رضا گيلاني فيبروري 2009 ۾ آصف زرداري کي گاڏيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي هن چيو ته آصف علي زرداري 3 گاڏيون خريد ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني رولز جي نرمي لاءِ سمري منظور ڪئي زلفي بخاري چيو ته يوسف رضا گيلاني طرفان سمري جي منظوري غير قانوني هئي
