لاهور : ريلوي واري وزارت مسافرن جي سهوليت کي نظر ۾ رکندي 20 آڪٽوبر کان وڌيڪ 3 ٽرينون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملت ايڪسپريس علامه اقبال ايڪسپريس ۽ سکر ايڪسپريس کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ملت ايڪسپريس لالا موسيٰ کان سڌو سرگودها، فيصل آباد ۽ ڪراچي ويندي آهي جڏهن ته علامه اقبال ايڪسپريس سيالڪوٽ ۽ ڪراچي وچ ۾ هلندي آهي سکر ايڪسپريس کي ڪراچي کان روهڙي وچ ۾ هلايو ويندو آهي
ريلوي واري وزير ٽرينن جي آڪيوپنسي پنچوئلٽي ۽ صفائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته ايم ايل ون ٽو ۽ ٿري جي بحالي جو جائزو ورتو ويو ان کان علاوه ڪراچي ۽ ڪوئٽه کي ملائيندڙ بيروڪ برج تي ڪم جو جائزو ورتو ويو
هوڏانهن 5 آڪٽوبر تي ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ 3 ٽرينون بحال ڪيون ويون هيون جڏهن ته پهريان کان هلندڙ 2 ٽرينن کي به روهڙي کان ڪراچي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي هئي
