مخالفن جي جاسوسي حلال ته پنهنجي حرام ڪيئن عمران جي بيان تي مريم نواز جو رد عمل

لاهور : مريم نواز آڊيو ليڪس بابت عمران خان جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته بطور وزيراعظم مخالفن جي رڪارڊنگ کي عمران خان اهو چئي جائز قرار ڏنو ته اهو ته ايجنسين جو ڪم آهي ماضي ۾ جيڪڏهن مخالفن جي جاسوسي حلال هئي ته اڄ سندس پنهنجي جاسوسي حرام ڪيئن ٿي وئي هن چيو ته اڄ عمران خان کي تڪليف ان ڳالهه جي آهي ته کيس پنهنجي مطلب جي جي آءِ ٽي نه ملندي

پنھنجي راءِ لکو