اسلام آباد : اسحاق ڊار آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان ڳالهين جي لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار آمريڪا روانو ٿي ويو جتي هو آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين سان ڳالهيون ڪندو اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس ۾ پاڪستان طرفان شرڪت ڪندو عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز جي اختيارين سان به ملاقات جو امڪان آهي آءِ ايم ايف جي نمائندن سان قرض پروگرام بابت ڳالهيون ٿينديون جڏهن ته ورلڊ بئنڪ اختيارين سان فنڊز ۽ ٻيا معاملا غور هيٺ ايندا ناڻي واري وزير اسحاق ڊار گذريل ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته آءِ ايم ايف سان مان گذريل 25 سالن کان ڊيل ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته آءِ ايم ايف ۽ اسان وچ ۾ معاملا بهتر ٿيندا
