اسلام آباد : وفاقي حڪومت صحت واري وزارت کي ڀارت کان مڇردانيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي صحت واري وزارت جي اختيارين موجب 62 لک مڇردانيون خريد ڪرڻ جي لاءِ مالي مدد عالمي ادارو گلوبل فنڊ ڪندو گلوبل فنڊ جي مالي مدد سان صحت جو عالمي ادارو پاڪستان جي لاءِ مڇردانيون خريد ڪري رهيو آهي اختيارين چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته مڇردانيون جلد کان جلد پاڪستان اچن اندازو آهي ته 62 لک مڇردانيون نومبر جي وچ ڌاري پاڪستان اچي وينديون اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي 32 ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مليريا تباهي مچائي ڇڏي آهي جتي مليريا ۾ مبتلا ٻارن جي علاج ۾ سخت پريشانيون پيش اچي رهيون آهن هن وقت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مليريا سڀني کان وڏو عوامي اشو بڻجي سامهون اچي رهيو آهي
