اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سيڪا سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان روانو ٿي ويو آهي جتي هو علاقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي نقطي تي روشني وجهندو وزيراعظم شهباز شريف ايشيا ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قازقستان روانو ٿي ويو آهي شهباز شريف سڀاڻي آستانه شهر ۾ سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو وزيراعظم شهباز شريف سيڪا سربراهي اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي نقطي تي ڳالهيون ڪندو ۽ سيڪا ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو
وزيراعظم ان حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سان نقصانن تي گڏيل ڪوششن جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي دنيا کي توانائي ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ سبب پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي علاقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي نقطي تي آگاهي ڏينداسين
