پرڏيهي فنڊنگ ڪيس: عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان امڪاني گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي فنڊنگ ڪيس ۾ پرڏيهي ايڪسچينج ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ايف آءِ اي هٿان گرفتاري کان بچڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي
عمران خان طرفان ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي پرڏيهي ايڪسچينج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري رکيو آهي عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪري ته جيئن لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي سگهان هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اسسٽنٽ رجسٽرار اسد خان طرفان عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي 3 اعتراض لڳايا ويا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان بائيو ميٽرڪ ناهي ڪرائي ايف آءِ آر جي به غير لاڳاپيل ڪاپي لڳائي وئي آهي جڏهن ته عمران خان خصوصي عدالت ۾ وڃڻ کان اڳ هاءِ ڪورٽ ڪيئن اچي سگهي ٿو

پنھنجي راءِ لکو