چوڌري شجاعت آرمي چيف جي مقرري تي وزيراعظم کي مشورو ڏئي ڇڏيو، ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ۽ چوڌري شجاعت وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي ذريعن موجب وزيراعظم چوڌري شجاعت سان سندس صحت جي باري ۾ پڇا ڪئي جنهن تي چوڌري شجاعت وزيراعظم کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ کلندي جواب ڏنو ته اوهان مهانگائي گهٽ ڪريو منهنجي صحت وڌيڪ بهتر ٿي ويندي ليگي اڳواڻ جي جواب تي وزيراعظم چيو ته اسحاق ڊار اچڻ شرط ڊالر جي قيمتن کي گهٽ ڪري ڇڏيو هاڻ مهانگائي گهٽ ڪرڻ تي ڌيان آهي ان تي چوڌري شجاعت چيو ته وزيراعظم اوهان سان گڏ بيٺل آهيون پر اوهان عوام کي ته رليف ڏيو، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻيون ۽ عام واهپي جي شين جون قيمتون به گهٽ ڪريو ذريعن ٻڌايو ته ان دوران چوڌري شجاعت وزيراعظم کي آرمي چيف جي مقرري تي به مشورو ڏنو ۽ چيو ته هي حساس ۽ قومي ذميواري جو معاملو آهي ڪنهن جي به نه ٻڌو ۽ آئين قانون موجب فيصلو ڪريو چوڌري شجاعت جي مشوري تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بالڪل ائين ئي ٿيندو چوڌري صاحب ذريعن موجب چوڌري شجاعت جو پٽ چوڌري سالڪ وزيراعظم سان گڏ ايندڙ مهيني چين به ويندو
هوڏانهن چوڌري شجاعت ٽوئيٽ ڪندي ٻڌايو ته ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومتي اتحادي پارٽيون عوامي ڀلائي لاءِ ملي ڪم ڪنديون رهنديون آهن ياد رهي ته پنجاب ۾ عمران خان جو ساٿ ڏيڻ تي چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرائڻ جون ڪوششون تيز ٿيندي نظر اچي رهيون آهن پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف عدم اعتماد تحريڪ آڻڻ جو امڪان آهي ان سلسلي ۾ ن ليگ جي اڳواڻ حنيف عباسي به گذريل ڏينهن چيو آهي ته ايندڙ مهيني پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هوندي

پنھنجي راءِ لکو