ڪنڌڪوٽ : بخشاپور پوليس ء بڊاڻي پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڇڏيو ٻھ ڏينهن اڳ ڏوھارين جي ھٿان قتل ٿي ويل مقتول پپو ڊومڪي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ سبب مقتول جي چاچي جي اڳواڻي م انڊس ھاء وي بند ڪري ڌرڻو ٽائرن کي باھيون ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشان ڪشمور پوليس مظاھرين سان ڳالهيون ڪرڻ نه پھتي اسان جي نوجوان کي اغوا ڪري بي دردي سان قتل ڪيو ويو مقتول نوجوان پپوڊومڪي جا قاتل گرفتار نه ٿي ڪري ۽ نه وري ڪيس داخل ڪري ٿي پوليس ڏوھارين کان لنوائي رھي آهي مقتول پپوڊومڪي جو چاچو فتح الدين ڊومڪي گبلو پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول بخشاپور مان اغوا ٿيو آهي ته ڪيس به اھي ئي داخل ڪندا قتل به گبلو ٿاڻي جي حد م ٿيو آهي ڪيس به ھتي داخل ٿيندو بخشاپور پوليس جو موقف بخشاپور پوليس مقتول جي چاچي جي فرياد تي جوابدارن تي 12 ڄڻن تي داخل ڪيا ويا نالا راز م رکيا ويا تفصيل موجب بخشاپور لڳ ٻھ ڏينهن اڳ گبلو ٿاڻي جي حد م ڏوھارين جي ھٿان اغوا بعد قتل ڪيل پورھيت مقتول پپو ڊومڪي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن انڊس ھاء وي انڌي ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيو ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ٽائرن کي باھيون ڏنيون بخشاپور پوليس ء گبلو پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي جي اڳواڻي مقتول جي چاچي فتح الدين ڊومڪي ڪري رھيو ھو ڌرڻي جي دوران سنڌ پنجاب سرحد خيبرپختوا ء بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشان رھيا ان موقعي تي مقتول جي چاچي فتح الدين ڊومڪي چيو ته منهنجي ڀائيٽو پپو ڊومڪي کي ڌاڙيل جيڪي بنگوار برادري جا آهن اھي اغوا ڪري بيان ڏيوائي گوليون ھڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاش درياء جي بند وٽ ڇڏي ويا آهن پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بجاء حد جو تڪرار ڄاڻائي مقتول جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي ھن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪو به واسطو ناهي غريب مسڪين مخبري جو الزام لڳائي ماريو ويو آهي اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير شيخ کان مطالبو آهي ته واقعي جو نوٽس وٺي مقتول جا قاتل گرفتارڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن بااثر رحمت الله ڊومڪي ء تيمور خان ڊومڪي جي مداخلت تي روڊ کوليو ويو ٻئي طرف بخشاپور پوليس جو ايس ايڇ او غلام قادر جتوئي جو چوڻ آهي ته مقتول جو قتل گبلو ٿاڻي جي حد م ٿيو آهي ته ڪيس اتي ئي داخل ٿيندو گبلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير بيگ رند جو چوڻ آهي ته مقتول کي بخشاپور ٿاڻي جي حد م ٿيو آهي ته ڪيس اتي ئي داخل ٿيندو ايس ايڇ او بخشاپور غلام قادر جتوئي مقتول پپو ڊومڪي جي چاچي فتح الدين ڊومڪي جي فرياد تي ڏوھارين سميت 12 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي بخشاپور پوليس نالا راز م رکيا ويا آهن
