ٺڪراٺو : مبارڪپور پوليس جي آڪڙا پرچي ڊيلرن خلاف ڪريڪ ڊائون ٻھ ڊيلر گرفتار ڪري لاڪپ 12 ڄڻن خلاف ايف آء آر داخل ايس ايس پي سکر جي حڪم مطابق سماجي براين خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهرن مان جوا ، آڪڙا پرچي ۽ منشيات کان پاڪ ڪندا سون ايس ايڇ او مبارڪپور
ٺڪراٺو ۾ مبارڪپور پوليس آڪڙا پرچي اڏا ھلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري 12 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ايس ايڇ او مبارڪپور طاھر دايو پوليس اھلڪار ساڻ ڪري وچ شھر ۾ ھڪ سينمنٽ جي دڪان تي ڪارروائي ڪندي آڪڙا پرچي ڪٽيندڙ عبدالحفيظ ڀٽي ۽ سندس پُٽ عارف ڀٽي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي آھي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مبارڪپور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ٺڪراٺو ۽ مبارڪپور ۾ پندرھين ۽ روزانو آڪڙا پرچي جوا ھلي رھي ھئي جنھن ۾ ڪيترائي خاندان تباھ ٿي چڪا آھن عوامي شڪايتن تي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي حڪم مطابق اھڙي ڪارروائي ڪري ٻن ڄڻن کي پرچين سوڌو گرفتار ڪيو آھي جڏھن ته 10 نالي وار ۽ 2 اڻسڄاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو آھي ۽ شهرن ۾ هلندڙ سماجي براين ۽ منشيات خلاف سخت ڪارروايون ڪري شهرن کي براين کان پاڪ ڪندا سين
