ڪنڌڪوٽ بخشاپور پوليس ھڪ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل ٻن پورھيتن کي بازياب ڪرائي نھ سگهي وارثن جو احتجاج بخشاپور ۾ سيلون جو دڪان ھلائيندڙ پورھيت گل محمد ملڪ ۽ ڪشمور جو رھواسي ڪار ڊرائيور پپو ملڪ جي گھرڀاتين ۾ ڳڻتي واري لھر ڇانيل آهي پر بخشاپور پوليس ٻنھي مغوين جي بازيابي لاء ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪونه ڪيو آهي مغوي نوجوان گل محمد ملڪ جي وارثن نادر ملڪ ـ گل حسن ملڪ ۽ ٻين چيو آهي ته ھڪ مھينو اڳ اسان جا اغوا ٿي ويل ٻئي نوجوان گل محمد ۽ پپو ملڪ کي پوليس ھن وقت تائين بازياب ناھي ڪرائي سگھي ھنن احتجاج ڪندي چيو تھ ھو اسين مسڪين غريب بخشاپور ڪشمور ٿاڻي سميت ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون اسان مسڪينن جي فرياد ڪو به ٻڌڻ وارو ڪونھي ھنن چيو ته مغوين کي اغوا ٿئي26 ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ ھتان جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي ضلعي عملدارن اسان وٽ اظهار ھمدردي لاء لڙي اچڻ جي به زحمت ڪونه ڪئي آهي ھنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته چيف جسٽس صاحب پاڻ مرادو نوٽس وٺي اسان جي مغوين کي بازياب ڪرائي اسان جي پريشاني کي ختم ڪيو وڃي ـ
