جيڪب آباد ويجهو صدر ٿاڻي جي حد جڙيا چوڪ جي علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار بهرام کوسو پنهنجي 23 ورهين جي ڀاڻيجي ثناءَ زال چنيسر کوسو مٿان ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو،جڏهن ته جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان سجاد کي پڻ قتل ڪري ڇڏيو. وارثن ناري کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ناري زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي،ان حوالي سان ناري جي پيءُ سردار کوسو صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته جوابدار بهرام منهنجي ڌيءَ ثناءَ کي ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ساڳئي ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ ڌيءَ سان ڪارنهن الزام مڙهي نوجوان کي پڻ قتل ڪيو آهي،هوڏانهن پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي جنهن وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،
