ڪراچي ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران ملير ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ مٿان حملو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ تحريڪ انصاف ڪراچي جو صدر بلال غفار زخمي ٿي پيو ٻڌايو پيو وڃي ته بلال غفار جي هٿ ۾ فريڪچر آيو آهي ۽ سندس نڪ جي هڏي به ڀڄي پئي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ جمال صديقي طرفان الزام هنيو ويو آهي ته ملير ٻڪرا پڙي وٽ پ پ ايم پي اي سليم بلوچ جي ساٿين حملو ڪيو، تشدد سبب ايم پي اي بلال غفار جي نڪ جي هڏي ٽٽي پئي آهي جڏهن ته سندس هٿ ۾ فريڪچر به آيو آهي. جمال صديقي ٻڌايو ته بلال غفار ملير ٻڪرا پڙي ويجهو پولنگ اسٽيشن جو معائنو ڪرڻ ويو ته پ پ سان تعلق رکندڙ ٻن درجن کان وڌيڪ ڪارڪنن سرن سان حملو ڪيو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيوتحريڪ انصاف جي ترجمان به حملي جي تصديق ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر بلال غفار مٿان حملو ڪيو ويو آهي. بلال غفار کي ملير جي غازي ڳوٺ ۾ تشدد جو نشانو بنايو ويو. بلال غفار کي ويجهي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي هوڏانهن زخمي اڳواڻ بلال غفار چيو ته پ پ پ ايم پي اي سليم بلوچ منهنجي مٿان حملو ڪيو، مون کي ڌڪو ڏئي زمين تي ڪيرايو ويو جنهن کان پوءِ سندس سليم بلوچ جي 10 کان 15 ساٿين مون کي سرون هنيون. منهنجي مٿان پوليس جي موجودگي ۾ پ پ وارن حملو ڪيو پر پوليس منهنجي ڪابه مدد نه ڪئي پي ٽي آءِ اڳواڻ مٿان حملي جي خرم شير زمان، حليم عادل شيخ ۽ عمران اسماعيل طرفان مذمت ڪئي وئي آهي. عمران اسماعيل چيو ته پ پ جا جيالا پنهنجي شڪست جي خوف کان اهڙا حملا ڪري رهيا آهن. چونڊن ۾ اڻوڻندڙ واقعا ٿيڻ ڌانڌلي جي منصوبه بندي جو حصو آهن
