ڪنڌڪوٽ غوثپور لڳ ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن حملو ڪري پنھنجن مائٽن سان ملڻ لا۽ آيل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو پلاند ۾ ٻيو نواجوان بھ قتل وارثن جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو تفصيل موجب پنھنجي پائٽن سان آيل ڳوٺ نواب ڏاھاڻي جي رھواسي عارف ڏاھاڻي کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو ڪارڻ ڀيا۔ ڏاھاڻي تڪرار ٻڌايو ويو۔ واقعي جي خبر باھ وانگر علائقي ۾ پکڙجي ويئي۔ اھڙي اطلاع ملڻ تي ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي واري علائقي ۾ ڏاھاڻي برادري جي مبينه ھٿياربندن ھوٽل تي ڪاھ ڪري آرڊي 219 واري علائقي جي رھواسي صابر ڀيو کي پلاند ۾ گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا۔ فائيرنگ ۾ ھڪ لولئي نوجوان خادم به زخمي ٿي پيو۔ جھيڙي جو ڪارڻ ڀيا۔ ڏاھاڻي ڌرين ۾ چار سال اڳ ھلندڙ خوني تڪرار ٻڌايو وڃي ٿو۔ جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا ٻھ ڄڻا شاھل ڏاھاڻي ميرحسن ڀيو قتل ٿيل آھن۔ ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو موٽرسائيڪل جي ڦر واقعي تان 2018 ۾ شروع ٿيو ھيو۔ ٻئي پاسي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري ھنڌ دير سان پھچي فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ مان سندن پوسٽ مارٽم ۽ ٻي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا۔ آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي
