اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي لانگ مارچ جو مقصد چونڊون نه رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳائڻ آهي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان لانگ مارچ جي تقريرن ۾ ڌمڪيون ڏئي ٿو. عوام کي عمران خان جي منصوبي جي خبر آهي عمران خان جو مقصد چونڊون نه مونجهارو پيدا ڪرڻ آهي، هن جو ارادو اسلام آباد تي چڙهائي جو آهي. پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. اوهان جي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ اوهان کي واپس اماڻيو ويند مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان وٽ پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان هڪ جملو به نه آهي. چونڊن جو اعلان ڪرڻو هو ته مارچ ۾ اوهان جي حڪومت هئي ان وقت ڪريو ها، عمران خان جو مقصد ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ آهي هن ڪالهه به اهو چيو هو ته مارشل لا لڳي ٿي ته ڀلي لڳي وڃي. عمران خان ملڪ ۾ ايمرجنسي جو خواهشمند آهي وفاقي وزير چيو ته عمران خان چوي ٿو ته سمورو پاڪستان مون سان گڏ آهي. ڪجهه ماڻهن جي ميڙ کي عوام نٿو چئي سگهجي. هو چوي ٿو ته ميڊيا آزاد نه آهي جيڪڏهن ميڊيا آزاد نه هجي ته اوهان جي آواز هيستائين نه پهچي ها. عمران خان چيو ته هي ماڻهو ڪرپٽ ۽ چور آهن ته پوءِ اوهان هنن کي ڇو جيلن ۾ وڌو مريم اورنگزيب چيو ته بند ڪمري ۾ آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي لاءِ واڌ جي آڇ ڪئي وئي ۽ پوءِ اها آڇ مڃي به وئي مريم اورنگزيب چيو ته(ن) ليگ اوهان جي ڌرڻي کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي اوهان کي اسلام آباد پهچڻ کان اڳ واپس اماڻيو ويندو
