ڪنڌڪوٽ چار ڏينھن اڳ اغوا ٿيل نيگر بازياب نه ٿيڻ خلاف ڊيرا موڙ تي احتجاج ٽريفڪ معطل

ڪشمور جي گڊو ٿاڻي جي حد مان پٺاڻ محلا مان اغوا ٿيل 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي سرفراز خان کي 7 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، ٻارڙي جي بازيابي لاءِ پٺاڻ برادري ڊمپر بيهاري ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. ڊيرا موري وٽ مراد واهه پل تي ٽرڪون بيهڻ سبب، روڊ بند ٿي ويو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، مسافرن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ان موقعي تي سخت نعريبازي،پڻ ڪئي وئي پوليس 7 ڏينهن کان اسان کي تسلي ڏئي رهي آهي پر اڃا تائين ٻارڙي سرفراز کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي آهي، پوليس اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته اسان ٻارڙي تائين پهچي ويا آهيون، ٻارڙي کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي حاجي عبدالرئوف.کوسو مظاهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ ڌرڻي ۾ پهتو، ميڊيا سان ڳالهائيندي حاجي عبدالرئوف کوسو چيو ته ٻارڙي جي اغوا جي پهرئين ڏينهن کان اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ٻارڙي کي بازياب ڪرايو وڃي، اسان ڪوشش ۾ آهيون جلد ٻار کي بازياب ڪرايو ويندو ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي. سردار سليم جان مزاري مزاري هائوس تي سڀني برادرين جو اجلاس پڻ سڏايو، جنهن ۾ برادرين کان مطالبو ڪيو ويو ته ٻارڙي جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، ٻار ڪنهن وٽ آهي،جلد بازياب ڪرائي مالڪن حوالي ڪيو وڃي اسان جي ضلعي انتظاميا جي پهرين ترجيح آهي ته ٻارڙي جي بازيابي لاءِ.سڀئي ڪوششون ڪيون ٻئي طرف پٺاڻ برادري جي ٻين شهرن مان به ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پٺاڻن جي آمد شروع ٿي وئي آهي،ٻار جي بازياب تائين روڊ بند رکيو ويندو.

پنھنجي راءِ لکو