اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا

اسلام آباد: اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن
ذريعن موجب اسلام آباد پوليس غلام سرور خان، ذوالفي بخاري، واثق ۽ ٻين تحريڪ انصاف اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا آهن. جڏهن ته علي امين گنڊاپور ۽ پرويز خٽڪ اسلام آباد پوليس کي اڳ ئي گهربل آهن.
پوليس ذريعن موجب عوام جو وڏو انگ وفاقي حڪومت کان روڊ کولرائڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي. وفاقي حڪومت کان اجازت ملڻ کان پوءِ اسلام آباد پوليس، رينجرز ۽ ايف سي موٽر وي کولرائي سگهي ٿي
پوليس ذريعن موجب اسلام آباد ۾ معمول موجب ڪاروبار جاري آهي جڏهن ته روڊ تي ٽريفڪ به معمول موجب هلي رهي آهي

پنھنجي راءِ لکو