اسلام آباد پوليس پنجاب ۾ تحريڪ انصاف مظاهرين خلاف ڪارروائي جي اجازت گهري ورتي

اسلام آباد: وفاقي پوليس گهرو سيڪريٽري ۽ چيف ڪمشنر کي خط لکي اسلام آباد ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ ايم ون ۽ ايم ٽو کي ڪليئر ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي احتجاج سبب رستن جي بندش ڪري اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافرن ۽ شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پوليس خط ۾ چيو آهي ته ايئرپورٽ جو شمار اهم جڳهين ۾ ٿيندو آهي جنهن جا رستا انتهائي اهميت جوڳا آهن. آئين جي آرٽيڪل 149/97 ۽ 51 ايئرپورٽ ۽ ان جي رستن جي حفاظت جي ضمانت ڏين ٿا
خط ۾ چيو ويو ته اسلام آباد ايئرپورٽ جا رستا انتظامي طور تي پنجاب جي حدن ۾ آهن. سمورن وي وي آئي پيز جي چرپر هن رستي کان ٿيندي آهي. ايئرپورٽ تي اڻوڻندڙ واقعو ملڪ جي لاءِ بدنامي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ٺهليان ۽ پشاور موٽروي تي رڪاوٽون پريشاني جو سبب بڻجي رهيون آهن خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسلام آباد پوليس کي مڪمل اختيار ڏئي رستا خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. آئين تحت سيڪريٽري پنجاب ۽ پوليس چيف کي واضح هدايتون ڏيڻ گهرجن. ان حوالي سان سمورن صوبن کي به واضح هدايتون ڏنيون وڃن

پنھنجي راءِ لکو