راولپنڊي: راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف جو ڌرڻو اڄ ٻئي ڏينهن به جاري آهي جنهن سبب تعليمي ادارن سان گڏ پبلڪ ٽرانسپورٽ به مڪمل طور تي بند آهي رپورٽ موجب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي خلاف راولپنڊي جي مري روڊ تي پارٽي ڪارڪنن جو ڌرڻو ٻئي ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو جنهن سبب روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ جو نظام اڄ به درهم برهم آهي جڏهن ته ڌرڻي سبب شهر جي سمورن تعليمي ادارن ۾ اڄ موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو تحريڪ انصاف جا ڪارڪن گذريل رات کان مري روڊ تي ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. مُک روڊ بند هجڻ سبب اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستو به بند آهي. احتجاج سبب مري روڊ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ شمس آباد ويجهو ڪاروباري مرڪز مڪمل بند آهن. جڏهن ته جاڙن شهرن وچ ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس معمول موجب هلي رهي آهي هوڏانهن تحريڪ انصاف ڪارڪنن جي احتجاج سبب مري روڊ، اقبال پارڪ جو ٻنهي طرفن کان روڊ بند آهي. ان کان علاوه آءِ جي پي روڊ، پيرودهاني موڙ روڊ ۽ سلپ ٽرن وارو هنڌ به ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي جڏهن ته جي ٽي روڊ، شاهه مارگلا روڊ به ٻنهي طرفن کان بند آهي ٻئي طرف سرائي ڪالا چوڪ به احتجاج سبب بند آهي. اولڊ ايئرپورٽ روڊ، گلزار قائد ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي. جهلم روڊ، سوان ۽ ڪچهري چوڪ ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي. راولپنڊي مال روڊ، پشاور روڊ به ٽريفڪ جي لاءِ کليل آهي تحريڪ انصاف ڪارڪنن جو موٽر وي ايم 2 تي ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري آهي جنهن ۾ مظاهرين ٽائر ۽ موٽر وي جي چوڌاري لڳل جهاڙيون ۽ وڻ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا جنهن سبب ايم 2 موٽر وي ٻنهي طرفن کان بند ٿي ويو، شهرين ۽ مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي موٽر وي جي ٻنهي طرفن کان رات دير کان ٽريفڪ جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته موٽر وي بند ٿيڻ سبب سخت ذهني اذيت کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ياد رهي ته ڊپٽي اسپيڪر اسيمبلي واثق قيوم گذريل ڏينهن موٽر وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو. موٽر وي ايم 2 بند هجڻ سبب اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙن کي به سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي
