راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 13 پارٽيون چونڊ وڙهڻ جي قابل نه آهن، هي صرف جهيڙي جا بهانا ڳولي رهيون آهن اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته هي چاهين ٿا ته عوام ۽ ادارن جو جهيڙو ٿئي ۽ هي چونڊن جو مدو اڳيان وڌائين. شيخ رشيد چيو ته اڄ اهي ماڻهو به عمران خان سان گڏ ٿي ويا آهن جيڪي ان کان اڳ هن سان گڏ نه هئا. عوام کي پهريان حڪومت جي پاليسين کان نفرت هئي پر هاڻ عوام هنن جي چهرن کان به نفرت ڪري ٿي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته چور دروازي سان چورن کي چور دروازي ذريعي ملڪ مٿان مڙهيو ويو آهي. مولانا فضل الرحمان جيڪا ڪُڌي زبان استعمال ڪئي ان سان هو عالم دين گهٽ پر مولا جٽ وڌيڪ لڳي رهيو هو، مون کي خوشي آهي ته هو هندستاني فلمن جو به پرستار نڪتو شيخ رشيد احمد وڌيڪ چيو ته عمران خان مٿان حملو مافيا جي آخري سازش ناهي. اسلام آباد سڀني جو آهي اسان کي ڪابه طاقت اسلام آباد وڃڻ کان نٿي روڪي سگهي
