لاهور هاءِ ڪورٽ سي سي پي او لاهور جي معطلي خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ سي سي پي او غلام محمد ڊوگر جي معطلي خلاف داخل ڪيل درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي رد ڪري ڇڏي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مزمل اختر سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر طرفان معطلي جي خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ کي اهو اختيار آهي ته اها معطلي جي معاملي کي ڏسي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سي سي پي او هڪ وفاقي وزير خلاف قانوني ڪارروائي جنهن ڪري کيس نشانو بنايو ويو. ٻن حڪومتن جي معاملي ۾ هڪ سول سرنٽ جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ضروري آهي عدالت چيو ته ظاهري طور تي اهو اختيار سپريم ڪورٽ کي ته آهي پر هاءِ ڪورٽ کي اهو اختيار ڪيئن ملي سگهي ٿو. ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت هن ڪيس جو جائزو وٺي سگهي ٿي.
وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته سي سي پي او کي 3 ڏينهن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو چيو جنهن تي عمل نه ٿيو. رپورٽ نه ڪرڻ تي سندس معطلي جو حڪم جاري ڪيو ويو جسٽس مزمل اختر چيو ته عدالت جو سوال اهو آهي ته هاءِ ڪورٽ کي هن معاملي جي ٻڌڻي جو اختيار ڪئين آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ کي هن درخواست جي ٻڌڻي جو اختيار نه آهي.
جنهن کان پوءِ عدالت سي سي پي او غلام محمد ڊوگر جي معطلي خلاف درخواست کي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

پنھنجي راءِ لکو