ڪوٽڙي جي گلشن شھباز واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل ھٿياربندن ڪورٽ مان پيشي کان پوءِ واپسي تي ماءُ ۽ پٽ کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي وياان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي اڄ صبح جو سوير مقتول ڪورٽ ۾ حاضري کان پوءِ خدا جي بستي نمبر 4 وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن کين گلشن شهباز واري علائقي ۾ قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. قتل ٿي ويلن ۾ مسمات ظهران چنه ۽ سندس پٽ محمد علي چنه شامل آهن. ٻنهي ڄڻن جا لاش ڄامشورو اسپتال اماڻيا وياان حوالي سان پوليس طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه رخ چنه هڪ سال اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو ۽ پيار جي پرڻي کان پوءِ اهو ڪيس ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو جنهن تان کين ڌمڪيون به مسلسل ملنديون رهنديون هيون جنهن تان کين قتل ڪيو ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي
