اسلام آباد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته رستا ڌرڻن سان بند هجن يا ڪنٽينر سان انهن کي کولرائڻ انتظاميه جو ڪم آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۽ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران چيف ڪمشنر طلب ڪرڻ باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو جڏهن ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته رستا ڌرڻن سان بند هجن يا ڪنٽينر سان انهن کي کولرائڻ انتظاميه جو ڪم آهي، پوليس جي مدعيت ۾ ڪيسز ٺهندا ۽ هلندا رهندا آهن، پر حڪومتون هليون وينديون آهن، جڏهن به ڪو غيرقانوني قدم کڻندو ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي عدالت سوال ڪيو ته زاهد اڪبر کي ڇو گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کي سب جيل ۾ ڇو رکيو ويو، ان تي پراسيڪيوٽر چيو ته انڊسٽريل ايريا جي ايس ايڇ او رپورٽ ڏني آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مذڪوره شخص گهيراءُ ڪيو ۽ باهيون ڏنيون ان تي جسٽس محسن اختر پڇيو ته ڇا اسلام آباد ۾ اهڙو ڪو واقعو ٿيو آهي؟ پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ اڃان تائين ڪو به اهڙو واقعو ناهي ٿيوجنهن کان پوءِ عدالت زاهد اڪبر کي حبس بيجا ۾ رکڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي زاهد اڪبر جي گرفتاري ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
