لاهور، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اعتراف ڪندي چيو آهي ته مان پنهنجي حڪومت واري دور ۾ قانون جي بالادستي نه ڪرائي سگهيس پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته ڊاڪٽرن مون کي 6 هفتن جي آرام جو مشورو ڏنو آهي صحتيابي ۾ 4 هفتا لڳي سگهن ٿاعمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت سبب موجوده حڪومت سڀني کان وڌيڪ ڌمڪيون ڏنيون. موجوده حڪومت مون کي هٽائڻ چاهيو ٿي. هنن جو مقصد مون کي رستي تان هٽائڻ آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي خلاف سازش جي باري ۾ سڀ خبر هئي اهو سڀ ڪجهه 2 مهينا اڳ شروع ڪيو ويو هو جڏهن ته مذهب جي بنياد تي مون کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته ايندڙ چونڊون منهنجي پارٽي کٽيندي. حڪومت جي خلاف مارچ آئين موجب آهي ۽ اهو اسان جو حق آهي تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته منهنجي حڪومت آئيني طريقي سان ناهي هٽائي وئي، منهنجي حڪومت چونڊن نه پر اڪشن ذريعي هٽائي وئي جيڪو غير آئيني عمل هو. افسوس آهي ته پنهنجي حڪومت واري دور ۾ قانون جي حڪمراني لاڳو نه ڪري سگهيس
