نئين دهلي،راجيو گاندهي قتل ڪيس ۾ عورت سميت وڌيڪ 6 ڏوهاري 31 سالن بعد آزاد

نئين دهلي، ڀارتي سپريم ڪورٽ راجيو گاندهي قتل ڪيس ۾ عورت ڏوهاري ناليني سميت وڌيڪ 6 ڏوهارين کي 31 سال قيد جي سزا ڀوڳڻ کان پوءِ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي ۾ عورت ناليني کان علاوه سر برن، سنتهن، مروگن، رابرٽ پياس ۽ آر پي روري، چندرن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته انهن ماڻهن جو جيل ۾ رويو ڪافي بهتر هو انهن سڀني قيد دوران تعليم جاري رکي، ڊگريون ورتيون، ڪتابون لکيون ۽ سماجي خدمتون انجام ڏنيون ڀارتي عدالت مئي ۾ راجيو گاندهي قتل جي ڏوهاري پيرا ريولن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جڏهن ته تامل ناڊو حڪومت به راجيو گاندهي قتل ڪيس ۾ سزا يافته ڏوهاري کي آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ڀارتي ميڊيا موجب ڪانگريس سپريم ڪورٽ جو حڪم قبول جوڳو نه هجڻ تي پنهنجي قانوني ٽيم سان صلاح مشوري کان پوءِ آئنده جو لائحه عمل سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ياد رهي ته اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گاندهي کي 1991ع ۾ تامل ناڊو ۾ تامل عليحدگي پسند عورت خودڪش ڌماڪي ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو

پنھنجي راءِ لکو