اسلام آباد، حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ چانهه جي پتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ملڪ جي سمورن يوٽيليٽي اسٽورز تي گيهه ۽ چانهه جي پتي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب برانڊڊ گيهه 8 کان 9 روپيه في ڪلو سستو ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪراچي زون لاءِ گيهه جي قيمتن ۾ 9 روپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي نوٽيفڪيشن موجب ڪيٽيگري ون جي برانڊڊ گيهه جي قيمت 520 روپين مان گهٽ ٿي 512 روپيه ڪلو ٿي وئي آهي. جڏهن ته 5 ڪلو واري گيهه جي ڊٻي جي قيمت ۾ 45 روپيه گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ پنج ڪلو واري گيهه جو ڊٻو 2825 روپين مان گهٽ ٿي 2580 روپيه ٿي ويو آهي نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 80 گرام چانهه جي قيمتن ۾ 45 روپيه، 170 گرام چانهه جي قيمت 100 روپيه ۽ 430 گرام چانهه 357 روپيه جڏهن ته 900 گرام چانهه 845 روپيه سستي ڪئي وئي آهي
