اسلام آباد، ڊي جي ايف آءِ اي محسن حسن بٽ چيو آهي ته اسان کي يقين آهي ته ڪينيا پوليس صحافي ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي ڊي جي ايف آءِ اي محسن بٽ چيو ته ڪينيا پوليس چئن مان هڪ آفيسر کي پاڪستاني جاچ ڪندڙ ادارن جي سامهون پيش ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن هڪ آفيسر پيش نه ڪيو ويو اهو ارشد شريف مٿان گوليون هلائيندڙن ۾ شامل هو هن چيو ته ڪينيا پوليس جي 3 شوٽرز سان پاڪستاني جاچ ٽيم پڇاڳاڇا ڪئي هئي. ٽنهي شوٽرز جي بيانن ۾ نه صرف تضاد هو پر سندن بيان به غير منقطي هئا. اسان کي يقين آهي ته ڪينيا پوليس ارشد شريف جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي. ڪينيا پوليس ان شوٽر تائين پهچ نه پئي ڏئي جنهن جو هٿ 2 هفتا اڳ زخمي ٿيو هو. ان آفيسر جو بيان تمام گهڻو اهم هو پر ان آفيسر تائين پهچ نه ڏيڻ عجيب ڳالهه آهي ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته ٻيو قدم ارشد شريف جي قتل واري ڪيس جو اسڪٽراڊيشن ايڪٽ جي سيڪشن 4 تحت پاڪستان اندر ايف آءِ اي ۾ داخل آهي، ان تي عمل تڏهن ٿيندو جڏهن وفاقي حڪومت ان جا حڪم جاري ڪندي. هن ٻڌايو ته ڪينيا پوليس عالمي قانون تحت صحافي جي اهڙي طرح جي قتل جي ڏوهه ۾ جاچ ۾ تعاون جي پابند آهي. گڏيل ٽيم جي جاچ اڃان تائين غير حتمي آهي ۽ ٽيم تمام جلد متحده عرب امارات رواني ٿيندي ٻئي طرف ڪينيا پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي. ان لاءِ اهڙي موضوع تي ڪوبه بيان نٿا ڏئي سگهون ارشد شريف جي گاڏي کي ناڪي تي روڪڻ وارن سببن تي شڪ ظاهر ٿي رهيا آهن ياد رهي ته ڪينيا پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته ارشد شريف جي گاڏي مٿان فائرنگ سبب آفيسر جو هٿ به زخمي ٿيو هو. جڏهن ته 2 ڏينهن اڳ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله به نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته ارشد شريف کي خرم احمد ۽ وقار احمد ڪينيا پوليس سان ملي قتل ڪيو هاڻ هو ان معاملي کي مختلف رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن
