لاهور، پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جو هڪڙو ئي مطالبو صاف، شفاف چونڊون آهن. ملڪ جي تقدير جا فيصلا ملڪ کان ٻاهر ٿي رهيا آهن
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 4-5 ڏينهن کان وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر ويل آهي ۽ (ن) ليگ جي دور ۾ نوازشريف جو پٽ ٻاهر ڀڄي ويو. نوازشريف جي پٽن لنڊن ۾ جيڪا اربين روپين جي ملڪيت خريد ڪئي آهي اهي پئسا ڪٿان کان آيا هن چيو ته اسحاق ڊار اين آر او کان پوءِ ملڪ واپس آيو ۽ شهباز شريف جو پٽ سلمان شهباز به ڪرپشن ڪرڻ کان پوءِ ملڪ مان ٻاهر ڀڄي ويو آهي. ملڪ جي تقدير جا فيصلا ملڪ کان ٻاهر ويهي ڪيا پيا وڃن عمران خان چيو ته شهباز شريف ڊيلي ميل تي ڪيس ڪيو ۽ برطانيه جي عدالتن شهباز شريف کي جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪيو آهي. جيستائين ملڪ ۾ انصاف نه ٿيندو معاشرو آزاد نٿو ٿي سگهي. اهڙي طرح ملڪ ايشين ٽائيگرز نٿو بڻجي سگهي ۽ لاهور پيرس نٿو بڻجي سگهي هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ قانون تحفظ نه ڏئي ان ۾ واپار نٿو ڪري سگهجي. هي ٻاهر ويٺل پاڪستانين کي ته چون ٿا پر پنهنجا پئسا واپس نٿا آڻين. هي پئسن جو جواب نه ڏئي سگهيا ڇو ته اهي پئسا چوري جا آهن ۽ آصف زرداري به ملڪ جو پئسو اهڙي طرح چوري ڪندو آهي. جڏهن کين اين آر او ملندو آهي ته هي واپس پاڪستان ايندا آهن.
ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ لانگ مارچ بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ان موقعي تي وفاق طرفان گورنر راڄ ۽ گهرو وزير جي بيانن تي قانوني پوزيشن کان عمران خان کي آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير عمران خان کي لانگ مارچ قافلن جي سيڪيورٽي تي بريف ڪيو عمران خان ڪي پي ڪي جي وڏي وزي رکي هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه جي سطح تي ڪارڪنن کي وڌ کان وڌ منظم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان جو هڪڙو ئي مطالبو صاف ۽ منصفاڻيون چونڊون آهن جڏهن ته ملڪ کي منصفاڻين چونڊن جي ذريعي ئي سياسي ۽ معاشي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو ياد رهي ته تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ راولپنڊي طرفان روان دوان آهي ۽ عمران خان راولپنڊي کان لانگ مارچ جي قيادت ڪندو
