لنڊن،نواز شريف جا اهم مقرري تي آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ اختر مينگل سان صلاح مشورا

لنڊن، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف اهم مقرري تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل سان صلاح مشورا ڪيا آهن هلندڙ مهيني دوران اهم مقرري جي حوالي سان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن نوازشريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ بي اين پي پي جي سربراهه اختر مينگل سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم مقرري جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ڳالهين دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي قومي سلامتي خلاف بيانن تي قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪندي چيو ته عمران خان انتظامي معاملن کي سياست جي نظر ڪرڻ چاهي ٿو
اڳواڻن چيو ته لانگ مارچ عمران خان جو حق آهي پر ملڪ جي سلامتي تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو جڏهن ته نئين مقرري جي معاملي تي ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻن عام چونڊن سميت ٻين سياسي فيصلن تي به مشورا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

پنھنجي راءِ لکو